پرڀات آرٽ سرڪل حيدرآباد

پرڀات آرٽ سرڪل حيدرآباد: 1964ع کان قائم ٿيندڙ هن اداري سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقي ۽ ترويج توڙي ادب جي صحتمند قدرن کي نئين سر اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏي لڳن سان ڪم ڪيو آهي. هن سرڪل جي بانيڪار ۽ هدايتڪار نثار حسيني اسٽيج تي پنهنجي وقت جا يادگار ڊراما پيش ڪيا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ جا ”انڪوائري آفيسر“، ”منشي“، ”حرڪت مان برڪت“، ”ڪوڙو نوٽ“، ”نيم طبيب“، ”خطره جان...“ نثار حسيني ءَ جا ”اڳتي وڌبو“، ”دودو سلطان ٽيپو“، ”جل جل مشعل جل“، ”مڙيا مڇ هزار“، ”ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا“، ”ڏات جي لات“، ”سامونڊي سڙهه سنڀايا“ ۽ ”ڪي جو ٻيجو ٻوليو“، محمد ابراهيم جويي جو ”آزادي ڏانهن...“، محمد عثمان ڏيپلائي جو ”نجومي“، مرزا اسد بيگ جو ”سهڪار“، غزالا شاهين ڀٽو جو ”چنڊ ۽ رلي“، محمد بخش دائودپوٽي جو ”چنڊ جو سير“، ماڻڪ منير جو ”شهيد بختاور“، شوڪت حسين شوري جو ”ٻرندي رهندي لاٽ“ ۽ عبدالعزيز سمي جو ”ڀوت“ شامل هئا. هن سرڪل جي مشهور اداڪارن ۾ مشتاق مغل، الهه بچايو لغاري، سڪندر بلوچ، محمد بخش دائود پوٽو، اشرف بلوچ، اڪبر بلوچ، الهه بچايو ناز ڀٽو، اختر مرزا، مرزا جاني بيگ، امام بخش ڀٽي، زاهد مرزا، ستار بروهي ۽ فيض ڀٽي شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو